خيبر پختونخوا ۾ سيڪيورٽي صورتحال خراب آهي، آئيني اختيار استعمال ڪري صوبائي حڪومت غيرفعال ڪئي: وفاقي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزيرن خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واري قدم جو دفاع ڪندي چيو آهي ته صوبي ۾ سيڪيورٽي صورتحال انتهائي خراب آهي، جنهن سبب وفاقي حڪومت آئيني اختيار استعمال ڪندي صوبائي حڪومت کي غيرفعال ڪري ڇڏيو آهي.
آچر ڏينهن ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ کانپوءِ پريس بريفنگ ڏيندي وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته وفاق گورنر کي صوبائي حڪومت جا معاملا هلائڻ جو اختيار ڏنو آهي، جڏهن ته ان مقصد لاءِ 11 رڪني مشاورتي ڪائونسل قائم ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ڳالهين دوران پي ٽي آءِ سان چار ڀيرا مسودا تيار ڪيا ويا ۽ آخري مسودي تي به تجويزون گهريون ويون. سندس چوڻ هو ته مسودي جي چوٿين پيراگراف تي پي ٽي آءِ کي اعتراض هو، جنهن تي حڪومتي ٽيم متبادل تجويزون ڏيڻ لاءِ چيو هو.
محسن نقوي موجب، گذريل رات پوڻي يارهين وڳي تائين سندس پي ٽي آءِ قيادت سان رابطو رهيو.
هن چيو ته آخري ڀيرو فون ڪري کين ٻڌايو ته اڃا به وقت آهي ته گهربل ڦيرڦار بابت آگاهه ڪن، جيئن صبح جو ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واري قدم کان بچي سگهجي.
گهرو وزير چيو ته حڪومت پي ٽي آءِ کي مسلسل اهو ٻڌائيندي رهي ته احتجاج يا ڌرڻي سان مسئلو ناهي، پر دهشتگرديءَ سان مسئلو آهي.
سندس چوڻ هو ته ڳالهين دوران پاڪستان پيپلز پارٽي جو موقف هو ته ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڌرڻو ملتوي ڪيو وڃي.
محسن نقوي دعويٰ ڪئي ته خيبر پختونخوا جي ڪجهه ضلعن ۾ صورتحال ايتري خراب آهي جو ماڻهو شام جو گهرن مان به نڪري نٿا سگهن.
هن چيو ته وڏي وزير سهيل آفريدي سان ملاقاتن دوران 12 ضلعن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ تي اتفاق ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته انهن علائقن ۾ دهشتگردي وڌي وئي هئي.
گهرو وزير دعويٰ ڪئي ته گذريل ڏيڍ سال دوران صوبي ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ 195 سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي.
قانون واري وزير چيو ته تازن قدمن تحت خيبر پختونخوا جي وڏي وزير، صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، مددگارن، ايڊووڪيٽ جنرل ۽ ٻين ڪيترن ئي آئيني عهديدارن کي فوري طور غيرفعال ڪيو ويو آهي.
اعظم نذير تارڙ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 245 تحت وفاقي حڪومت پاڪستان جي هٿياربند فوجن کي صوبائي حڪومت جي مدد لاءِ مقرر ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪيو آهي، جڏهن ته صوبائي معاملا هن وقت گورنر جي سربراهيءَ ۾ هلايا پيا وڃن.
هن وضاحت ڪندي چيو ته فوج اڳ به اتي مقرر هئي، پر هاڻي وڌيڪ سهڪار ۽ گڏيل ڪوششن لاءِ نئون حڪم جاري ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته آئين تحت وفاقي حڪومت وقت بوقت خيبر پختونخوا جي گورنر ذريعي قدمن جو اعلان ڪندي.
قانون واري وزير موجب، جاري ڪيل سمورن حڪمن ۽ حڪم نامن جي آئين تحت پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان ايندڙ ڏهن ڏينهن اندر منظوري حاصل ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ اڱاري ڏينهن پارليامينٽ جو اجلاس پڻ طلب ڪيو ويو آهي.

You might also like