سلمان خان جي پاپارازي کي پئسا ڏئي مخصوص قسم جون تصويرون ڪڍرائيندڙ اداڪارن تي تنقيد، فوٽوگرافرن کي چتاءُ

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان اهڙن اداڪارن ۽ اداڪارائن تي تنقيد ڪئي آهي، جيڪي مبينا طور پاپارازي فوٽوگرافرن کي پئسا ڏئي پنهنجي مرضيءَ موجب مخصوص انداز ۾ تصويرون ڪڍرائين ٿا.
سلمان خان جو اهو بيان فوٽوگرافرن طرفان اڻوڻندڙ تصويرون ڪڍڻ تي تنقيد ڪرڻ جي ڪجهه هفتن کانپوءِ سامهون آيو آهي.
ريئلٽي شو ”بگ باس 20“ جي تازي قسط ۾ سلمان خان ”روڊيز رائزنگ“ جي گروپ ليڊرن جي آجيان ڪئي، جن ۾ اداڪارا نيها ڌوپيا پڻ شامل هئي.
نيها ڌوپيا نامناسب تصويرن واري معاملي تي آواز اُٿارڻ تي سلمان خان جا ٿورا مڃيندي چيو ته سندس آواز ڪيترن ئي ماڻهن تائين پهچي ٿو، ان ڪري سندس موقف کي اهميت حاصل آهي.
جواب ۾ سلمان خان چيو ته ڪجهه اداڪار ۽ اداڪارائون پاڻ پاپارازي کي گُهرائي مخصوص تصويرون ڪڍرائڻ لاءِ پئسا ڏين ٿا، جڏهن ته ڪجهه شخصيتون اهڙيون تصويرون ڪڍرائڻ پسند نٿيون ڪن.
هن چيو ته اصل فرق اهڙن ماڻهن ۾ آهي، جيڪي اهڙين تصويرن لاءِ راضي هوندا آهن ۽ انهن ۾ جيڪي ائين نٿا چاهين، ڪنهن جي مرضيءَ خلاف تصويرون ڪڍڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
سلمان خان خبردار ڪيو ته جيڪڏهن پاپارازي سندس اڳوڻي تنبيهه کي مذاق سمجهيو ته سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو ته هو ان معاملي تي سنجيدا موقف اختيار ڪندو ۽ اهڙن پليٽ فارمن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪي ان عمل ۾ ملوث آهن.

You might also like