”نانا پاٽيڪر منهنجي خلاف بيان ڏيڻ لاءِ راکي ساونت کي پئسا ڏنا هئا“ شيطان مري ويو واري بيان کانپوءِ تنوشري دتا جو نئون الزام

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا تنوشري دتا دعويٰ ڪئي آهي ته اداڪار نانا پاٽيڪر 2018ع ۾ ”مي ٽو“ تحريڪ دوران راکي ساونت کي سندس خلاف بيان ڏيڻ لاءِ اڍائي لک رپيا ڏنا هئا.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، تنوشري دتا انسٽاگرام تي جاري ڪيل هڪ نئين وڊيو ۾ الزام هنيو ته راکي ساونت سندس خلاف پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان ٻه ڏينهن اڳ ممبئي ۾ نانا پاٽيڪر جي رهائشگاهه تان ٻه کان اڍائي لک رپيا روڪ رقم ورتي هئي.
اداڪارا موجب، کيس ان معاملي جي ڄاڻ راکي ساونت جي ويجهي دوست راج شري موري ڏني هئي.
تنوشري دتا چيو ته ان وقت هوءَ سخت ذهني دٻاءَ جو شڪار هئي ۽ نانا پاٽيڪر جا ويجها ماڻهو کيس مسلسل پريشان ڪري رهيا هئا، اهڙي صورتحال ۾ راکي ساونت به نامناسب وڊيوز ۽ الزامن ذريعي کيس نشانو بڻايو.
تنوشري دتا دعويٰ ڪئي ته نانا پاٽيڪر پنهنجا ڪجهه ڪم ٻين ماڻهن ذريعي ڪرائيندو هو ۽ جڏهن رقم ڏني وئي ته راج شري موري گاڏيءَ ۾ موجود هئي.
واضح رهي ته نانا پاٽيڪر جي موت جي خبر تي ردعمل ڏيندي تنوشري دتا انسٽاگرام تي لکيو هو ته ”شيطان مري ويو“ ۽ اميد آهي ته هاڻي سندس زندگي بهتر رخ اختيار ڪندي.

You might also like