حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ کي ورهائڻ يا نوان انتظامي يونٽ قائم ڪرڻ سان ملڪ جا بحران ختم نه ٿيندا، حڪمرانن کي عوام جي بنيادي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
حيدرآباد ۾ ايس ٽي پي جي ميزباني هيٺ ڪوٺايل ”سنڌ منهنجي امان“ قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته چين پاڪستان کانپوءِ وجود ۾ آيو، پر اڄ سپر پاور ملڪ آهي، جڏهن ته سنڌ اڃا تائين بنيادي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي.
هن چيو ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته سنڌ جا ست ڪروڙ ماڻهو اڃا زنده آهن ۽ سنڌ جي وحدت خلاف ڪا به تجويز قبول نه ڪئي ويندي.
هن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي بشير ميمڻ ذريعي پيغام ڏيندي چيو ته سنڌي ۽ سرائڪي گڏ آهن، تنهن ڪري نون صوبن بابت پنهنجو واضح موقف ڏنو وڃي.
ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته صوبن جي حقن جي حمايت ڪندڙ وزيرن کي سنڌ جي ورهاڱي بابت تجويزن تي به چٽو موقف اختيار ڪرڻ گهرجي، سنڌ جي وسيلن ۽ آئيني حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم جي ريلي ڏسڻ کانپوءِ کيس يقين ٿيو آهي ته ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ماڻهو به سنڌ جي ورهاڱي جا حامي ناهن، هن سنڌ جي ورهاڱي ۽ نون انتظامي يونٽن بابت تجويزون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي ڪراچي ۾ ٿيندڙ مارچ 15 نومبر بدران 29 نومبر تي ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو.
چين پاڪستان کانپوءِ ٺهيو، اڄ سپر پاور آهي، سنڌ اڃا بنيادي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي: قادر مگسي
You might also like