صوبا ڪمزور ڪري وفاق مضبوط نٿو بڻائي سگهجي، خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي جو فيصلو واپس وٺو، نه ته وڏو نقصان ٿيندو: بيرسٽر گوهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي فيصلي جي مذمت ڪندي ان کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
سماجي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ بئريسٽر گوهر چيو ته صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ ان قدم کي مڪمل طور رد ڪيون ٿا.
هن چيو ته اهو انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو ۽ سنگين سياسي غلطيءَ سان گڏ غيرجمهوري قدم آهي، عوام پنهنجي حقن خلاف اهڙا قدم ڪڏهن به قبول نه ڪندو.
بئريسٽر گوهر موجب، خيبرپختونخوا جي عوام جو مينڊيٽ سندن آئيني ۽ قانوني حق آه،. ان مينڊيٽ کي نظرانداز ڪرڻ، صوبائي خودمختياري کي ڪمزور ڪرڻ ۽ وفاق ۽ صوبي وچ ۾ ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ سان نه امن قائم ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي استحڪام اچي سگهي ٿو.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي تي ڪو به اختلاف ناهي، پر دهشتگرديءَ خلاف جنگ کي عوام جو آواز دٻائڻ، سياسي مقصد حاصل ڪرڻ يا صوبي جا آئيني اختيار محدود ڪرڻ جو جواز نٿو بڻائي سگهجي، دهشتگرديءَ جو مقابلو قومي ايڪي ۽ گڏيل حڪمت عمليءَ سان ئي ممڪن آهي.
بئريسٽر گوهر چيو ته صوبن کي ڪمزور ڪري وفاق کي مضبوط نٿو ڪري سگهجي، مسئلن جو حل طاقت، ٽڪراءَ ۽ غيرمعمولي قدمن ۾ نه، پر سياسي سوچ، آئين جي بالادستي، بامقصد ڳالهين ۽ عملي قدمن ۾ آهي.
هن چيو ته عوامي مينڊيٽ، صوبائي خودمختياري ۽ آئيني توڙي جمهوري حقن جي تحفظ لاءِ هر آئيني، قانوني ۽ جمهوري فورم تي ڀرپور آواز اٿاريو ويندو.
مضبوط صوبا ئي مضبوط وفاق جو بنياد آهن ۽ آئين جي حڪمراني مضبوط پاڪستان جي ضمانت آهي.
بئريسٽر گوهر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اڃا به وقت آهي ۽ اهو فيصلو ڪجهه ڏينهن اندر واپس وٺي سگهجي ٿو.
هن چيو ته وفاق کي گهرجي ته هو انا ڇڏي، زميني حقيقتن کي سمجهي، جائز مطالبا تسليم ڪري ۽ عوام جي احساسن ۽ جذبن جو احترام ڪري، جيئن ملڪ کي وڌيڪ سياسي ۽ معاشي نقصان کان بچائي سگهجي ۽ جمهوري عمل کي پوئتي ڌڪجڻ کان روڪي سگهجي.
هن وڌيڪ چيو ته سياسي فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ ڪمزوري نه، پر قومي مفاد ۾ دانشمنديءَ جي نشاني آهي، ٻي صورت ۾ وڏو نقصان ٿيندو.

You might also like