خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي کانپوءِ گورنر جو سخت پيغام، فساد ڪندڙن خلاف ڪارروائيءَ جو چتاءُ

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ صوبي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته خيبرپختونخوا جو عوام دهشتگرديءَ خلاف آهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ هاڻي سنجيدا ڪوششون ڪيون وينديون.
هڪ وڊيو بيان ۾فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبرپختونخوا جو عوام صدر جي فيصلي جي آجيان ڪري ٿو.
هن چيو ته خيبرپختونخوا جي عوام فيصلو ڪيو آهي ته هو فتنه الخوارج ۽ دهشتگردن سان وڌيڪ گڏ نٿا هلي سگهن، پر پنهنجي ادارن سان گڏجي انهن جو مقابلو ڪندا.
سندس چوڻ هو ته خيبرپختونخوا جو عوام اهو به چاهي ٿو ته وفاق ۽ ٻين صوبن سان سندن ڀائراڻا لاڳاپا هجن، جڏهن ته هو صوبي ۾ ترقي به چاهين ٿا.
فيصل ڪريم ڪنڊي عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪو به قانون هٿ ۾ نه کڻي ۽ نه ئي هنگامن ۽ وڳوڙن جو حصو بڻجي.
هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن قانون هٿ ۾ کنيو ته ان ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like