خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو، وڏو وزير سهيل آفريدي گرفتار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ دهشتگرديءَ جي وڌندڙ واقعن ۽ امن امان جي سنگين صورتحال سبب ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان تحريڪِ انصاف دعويٰ ڪئي آهي ته وڏي وزير سهيل آفريدي ۽ پارٽيءَ جي صوبائي صدر جنيد اڪبر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ايوان صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، صدر پاڪستان آئين جي آرٽيڪل 232 تحت صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري انفرااسٽرڪچر، بنيادي ڍانچي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي دهشتگرد حملا وڌيا آهن، جڏهن ته صوبائي حڪومت دهشتگرديءَ ۽ بدامنيءَ کي اثرائتي نموني روڪڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
پڌرائيءَ موجب، صدارتي اعلان آئين جي آرٽيڪل 232(1) ۽ آرٽيڪل 234(1) تحت جاري ڪيو ويو آهي. ايمرجنسيءَ جي اعلان سان گڏ چيو ويو آهي ته موجودا حالتن ۾ صوبائي حڪومت کي آئين موجب هلائي نٿو سگهجي.
ايوان صدر موجب، خيبرپختونخوا جو گورنر وفاقي حڪومت طرفان سونپيل صوبائي حڪومتي معاملا سنڀاليندو، جڏهن ته صوبائي اسيمبليءَ کانسواءِ صوبي جي ٻين ادارن ۽ اختيارين جا اختيار به گورنر استعمال ڪري سگهندو.
پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وڏي وزير، صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي فوري طور پنهنجا عهدا ڇڏڻا پوندا.
ٻئي پاسي، پاڪستان تحريڪِ انصاف دعويٰ ڪئي آهي ته خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي ۽ پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر جنيد اڪبر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي صدر جنيد اڪبر طرفان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ پڻ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته کيس ۽ سهيل آفريدي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like