اداڪاريءَ ۾ ٻوٽو نه ٻاري سگهندڙ سلمان خان يوٽيوب چئنل ٺاهي ورتو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سلطان سلمان خان باضابطا طور پنهنجو يوٽيوب چئنل لانچ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي مداحن طرفان سندس وڊيوز کي ڀرپور موٽ ملي رهي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب،60 ورهين جي سلمان خان 38 سالن جي فلمي ڪيريئر کانپوءِ ڊجيٽل دنيا ۾ قدم رکندي 9 آڪٽوبر 2026ع تي پنهنجي يوٽيوب چئنل تي وڊيوز اپلوڊ ڪري سفر جي شروعات ڪئي.
وڊيوز ۾ اداڪار مزاحيه انداز ۾ اداڪاري، باڊي لينگويج ۽ پنهنجي مخصوص فلمي انداز جا گُر مداحن سان شيئر ڪيا آهن.
مداح سندس وڊيوز کي پسند ڪري رهيا آهن ۽ انهن ذريعي سلمان خان جي اسٽائل ۽ انداز بابت سکڻ جو موقعو حاصل ڪري رهيا آهن.
سلمان خان پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ذريعي يوٽيوب چئنل جو اعلان ڪندي لنڪ به شيئر ڪئي.
هن پنهنجي مخصوص انداز ۾ لکيو ته ”اچو ته شرووع کان شروع ڪريون، اي کان زيڊ تائين سڀ ڪجهه هتي ملندو.“
واضح رهي ته سلمان خان کان اڳ ورون ڌون، عاليا ڀٽ، ڪريتي سينن، فرح خان ۽ ارچنا پورن سنگهه سميت بالي ووڊ جا ڪيترائي مشهور اداڪار ڊجيٽل دنيا ۾ سرگرم آهن.
سلمان خان هن وقت مشهور ريئلٽي شو ”بگ باس“ جي 20هين سيزن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سندس فلم ”ماتر ڀومي“ به جلد رليز ٿيڻ واري آهي.

You might also like