سنڌ حڪومت جو سرڪاري ملازمن جي جي پي فنڊ بابت اهم اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبائي سرڪاري ملازمن جي جنرل پروويڊنٽ فنڊ (جي پي فنڊ) تي مالي سال 2025-26ع لاءِ منافعي جي شرح 12.05 سيڪڙو مقرر ڪري ڇڏي.
سنڌ جي ناڻي کاتي طرفان جاري ڪيل باضابطا خط ۾ جي پي فنڊ تي منافعي جي نئين شرح جو اعلان ڪيو ويو آهي.
خط موجب، نئين شرح سنڌ جي سمورن صوبائي سرڪاري ملازمن جي پروويڊنٽ فنڊن تي لاڳو هوندي.
سنڌ جي ناڻي کاتي لاڳاپيل آفيسن ۽ اڪائونٽس کاتن کي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ خط به موڪلي ڇڏيو آهي.
حڪومت جي ان قدم تحت صوبائي سرڪاري ملازمن کي مالي سال 2025-26ع لاءِ سندن جي پي فنڊ ۾ موجود بچت تي مقرر ڪيل شرح موجب منافعو ڏنو ويندو.

You might also like