دهلي (ويب ڊيسڪ) ڪانگريس اڳواڻ پريانڪا گانڌي دهليءَ ۾ احتجاج دوران پوليس جي ڪارروائي تي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي الزام لڳايو آهي ته ڀارت ۾ هاڻي جمهوريت نه رهي آهي.
پريانڪا گانڌي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته پهرين 254 پارليامينٽ ميمبرن سان مڪمل طور غيرقانوني طريقي سان حراست ۾ ورتو ويو، جنهن سان سندن بنيادي آئيني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي.
هن دعويٰ ڪئي ته مخالف ڌر جي ٻين احتجاج ڪندڙن سان به اهڙو ئي ورتاءُ ڪيو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته دهليءَ کي چئني پاسن کان ڪڙو چاڙهي رنڊڪون لڳائي بند ڪيو ويو، ٽرينون ۽ ميٽرو سروسز معطل ڪيون ويون، انٽرنيٽ بند ڪيو ويو ۽ مختلف هنڌن تي چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون.
پريانڪا گانڌي موجب، پنهنجن آئيني حقن تحت احتجاج ڪندڙ نوجوانن، عورتن ۽ مردن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.
هن الزام لڳايو ته جيڪڏهن اهي واقعا ان ڳالهه جو ثبوت ناهن ته چونڊ ڪميشن جي ڳٺ جوڙ سان چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي ۽ حڪومت پنهنجي قانوني حيثيت بابت اُٿندڙ سوالن ۽ جوابدهيءَ جي مطالبي کان ڊنل آهي، ته پوءِ ٻيو ڇا ثبوت ٿي سگهي ٿو؟
ڪانگريس اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ هاڻي جمهوريت نه رهي آهي، پر نريندر مودي ۽ اميت شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ آمراڻو نظام هلي رهيو آهي، جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيندڙ ماڻهو ملڪ سان غداري ڪري رهيا آهن.
You might also like