واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هلندڙ سال به نوبيل امن انعام نه ملڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي فيصلي کي شرمناڪ قرار ڏئي ڇڏيو.
گذريل ڏينهن سويڊن جي رائل سوئيڊش اڪيڊمي آف سائنسز طرفان نوبيل امن انعام 2026ع جو اعلان ڪيو ويو، پر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انعام حاصل ڪرڻ جي خواهش هن ڀيري به پوري نه ٿي سگهي.
هن سال جو نوبيل امن انعام ڏکڻ آفريڪا سان واسطو رکندڙ انساني حقن جي وڪيل ناوانيٿم ناوي پلي کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ٽرمپ نوبيل امن انعام نه ڏيڻ واري فيصلي کي شرمناڪ قرار ڏيندي چيو ته ان فيصلي ناروي جي ساک تي چٽو لڳائي ڇڏيو آهي.
نيويارڪ ۾ هڪ ريلي کي خطاب ڪندي ٽرمپ چيو ته آمريڪا کي نوبيل امن انعام نه ڏيڻ تي هو ناروي کي نه وساريندا.
واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪا سان تعلق رکندڙ انساني حقن جي وڪيل ناوانيٿم ناوي پلي کي امن ۽ عالمي قانون جي واڌاري لاءِ خدمتن عيوض نوبيل امن انعام ڏنو ويو آهي.
ناوي پلي ڏکڻ آفريڪا ۾ نسلي متڀيد واري ماحول ۾ وڏي ٿي.
هوءَ ڏکڻ آفريڪا جي انهن پهرئين ڀارتي نسل سان تعلق رکندڙ عورتن مان هڪ آهي، جن قانون جي تعليم حاصل ڪئي.
هوءَ نسلي متڀيد خلاف سرگرم ماڻهن جو عدالتن ۾ دفاع ڪندي رهي ۽ جيلن جي خراب حالتن خلاف پڻ جدوجهد ڪندي رهي.
نوبيل امن انعام حاصل ڪرڻ کانپوءِ ناوي پلي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي طنز ڪندي چيو ته ”جيڪڏهن اوهان ٿوري وڌيڪ تاڙيون وڄايو ته شايد مان پنهنجو انعام ٽرمپ سان شيئر ڪري ڇڏيان.“
You might also like