پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي يا گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.
ذريعن موجب، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ سيڪريٽرين سميت انتظامي تبديلين بابت هوم ورڪ مڪمل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ريجنل ۽ ضلعي پوليس آفيسرن جي مقررين بابت پڻ فهرست تيار ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبي جي 12 ضلعن ۾ شروعاتي طور ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي، جڏهن ته ايمرجنسي يا گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ بابت حتمي فيصلو حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وفدن وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي نتيجن تي دارومدار رکي ٿو.
ذريعن موجب، ڳالهين ۾ ڪاميابي جي صورت ۾ صوبي ۾ ايمرجنسي يا گورنر راڄ لاڳو نه ڪيو ويندو.
خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي يا گورنر راڄ جون تياريون مڪمل، فيصلو حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڳالهين سان مشروط
You might also like