چادر ۽ چوديواري جي پائمالي ۽ صحافي عبدالغفور سروهي جو کنڀجڻ

غلام حسين لغاري

سنڌ اندر چادر ۽ چوديواري جو هاڻ ڪو به تقدس ناهي رهيو. پوليس هجي يا ڪو ٻيو، بنا ڪنهن جواز ۽ وارنٽ جي گهرن ۾ گهڙيو پوي، ڀڃ ڊاهه ڪري، گهر ڀاتين ۾ خوف ۽ هراس ڦهلائي پنهنجا مقصد حاصل ڪري ٿو، جيڪا ڪيڏي نه بي حسي چئجي. عدالتون به هاڻ خاموش آهن، اهڙن واقعن جا نوٽيس نٿا ورتا وڃن، جڏهن ته اهي سلسلا ۽ تماشا بند ٿيڻ گهرجن. اعليٰ عدالتون نوٽيس وٺن.

ڪالهه صبح سوير ٽين وڳي هڪ انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو ۽ خبر سامهون آئي، جڏهن هٿياربند پوليس جي جٿن حيدرآباد جي انتهائي سينيئر صحافي، مختلف اخبارن جو ايڊيٽر، نيوز چينلن جو اينڪر ۽ سي اي او رهندڙ محترم عبدالغفور سروهي جي گهر ۾ گهڙي، خوف ۽ هراس پيدا ڪري، کيس هڪ ڀيرو ٻيهر کنڀي ورتو، جڏهن ته کيس ڪجهه مهينا اڳ به کنڀيو ويو هو، پر ان وقت کيس فوري طور آزاد ڪيو ويو هو.

عبدالغفور سروهي جي ننڍي ڀاءُ، صحافي عبدالقيوم سروهي، سندس شاگرد فرزند عدنان ۽ عبدالستار سروهي موجب، پوليس جا ڪجهه هٿياربند اهلڪار، جيڪي گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن تي سوار هئا، رات جو مين قاسم آباد روڊ تي واقع فليٽ تي آيا، جتي ڀڃ ڊاهه ڪري ڏهڪاءُ پيدا ڪرڻ کان پوءِ کيس کڻي هليا ويا. سندس ڏوهه اهو ٻڌايو پيو وڃي ته هن منشيات جو ڪاروبار ڪندڙن ۽ پوليس ڪامورن خلاف عوامي مهم تيز ڪئي هئي، جنهن تي منشيات فروشن جي حامين پاران پهريان مٿس مختلف قسمن جا غليظ الزام مڙهيا ويا، بعد ۾ کيس گهران اچي، گهر وارن کي هراسان ڪري گرفتار ڪيو ويو، جنهن بابت هو اڳ ۾ ئي اعليٰ اختيارين، بشمول آءِ جي سنڌ پوليس، کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪري چڪو هو. کنڀجي ويل صحافي جي گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته سندس ڪنهن به ٿاڻي تي موجودگي نظر نه آئي آهي. لڳي ٿو ته کيس گم ڪري ڪنهن نامعلوم هنڌ تي رکيو ويو آهي، جنهنڪري سندس جان کي خطرا لاحق آهن.

عبدالغفور سروهي جي بنا ڪنهن جواز گرفتاري ۽ انساني حقن جي لتاڙ تي صحافتي، سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ ڳڻتي آهي، جيڪي سخت تشويش جو اظهار ڪندي سندس باعزت ۽ فوري آزاديءَ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. عبدالغفور سروهي هڪ خانداني پيشيور صحافي آهي، جنهن جا ڀائر، سئوٽ، چاچا ۽ ماما، عبدالرزاق، عبدالله، ستار ۽ قيوم سروهي، سنڌ جي بي داغ ۽ برک صحافين ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته عتاب هيٺ آيل صحافي عبدالغفور سروهي جو والد مرحوم پڻ خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ پوليس آفيسر رهي چڪو آهي.

ڏٺو وڃي ته ماضيءَ ۾ پوليس ۽ صحافين جا پاڻ ۾ دوستاڻا لاڳاپا رهندا آيا آهن، جن سان پوليس کي ڏوهارين خلاف مهم هلائڻ ۽ ڏوهن جي خاتمي لاءِ حوصلو ملندو رهيو آهي. هي پهريون ڀيرو آهي جو موجوده حڪومت جي دور ۾، جڏهن کان پوليس کاتي مان ميرٽ ۽ سهپ ختم ٿي آهي، تڏهن کان سنڌ اندر ڏوهن جي خاتمي لاءِ آواز اٿاريندڙ ۽ ڏوهاري ماڻهن توڙي پوليس آفيسرن جي نشاندهي ڪندڙ صحافين کي پڪڙ هيٺ آندو پيو وڃي. ڪافي صحافي ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بااثرن هٿان شهيد به ڪيا ويا آهن، جن جا ڪفن اڃا پراڻا به ناهن ٿيا، نه وري کين عدالتن مان انصاف مليو آهي. عبدالغفور سروهي جي کنڀجي وڃڻ تي صحافي اتحاد، سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل، جاڳو صحافي پاڪستان، سنڌ پورهيت فائونڊيشن ۽ ٻين تنظيمن سميت سنڌ جي مختلف ضلعن جي صحافين پاران سخت تشويش جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ واقعي کي انساني حقن جي خلاف ورزي قرار ڏنو ويو آهي. انساني حقن ۽ صحافتي تنظيمن کي پوليس جي هن قدم جو نوٽيس وٺي، عبدالغفور سروهي جي فوري آزادي ۽ کيس انصاف ڏيارڻ لاءِ آواز اٿارڻ ۽ اڳڀرو ٿيڻ گهرجي. سندس گرفتاريءَ جو ڪو به جواز نه هو.

صحافين سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ زيادتين جو هڪ وڏو سبب صحافي پاڻ به آهن، جيڪي گروپ بنديءَ طرف ڌڪيل آهن. پريس ڪلبن مٿان پريس ڪلبون ۽ تنظيمن مٿان تنظيمون ٺاهي چڪا آهن، منجهن اتحاد ناهي رهيو. جڏهن به صحافي ماريا وڃن ٿا يا گرفتار ٿين ٿا ته فوري طور ڪو به ردعمل نٿو اچي. سڀ هڪٻئي جا پير ڪڍڻ پويان آهن. ڀلي الڳ پريس ڪلبون يا تنظيمون قائم ٿين، پر سندن مقصد هڪ هجڻ گهرجي. پوليس جي عتاب هيٺ آيل صحافي عبدالغفور سروهي انهن جاکوڙي صحافين مان آهي، جيڪو بنا ڪنهن تفريق، پسند يا ناپسند جي بنياد تي سنڌ جي صحافين جو ڀرجهلو رهيو آهي.

ڏٺو وڃي ته وفاقي حڪومت صحافين جي تحفظ لاءِ قانون پاس ڪيو هو، جنهن تحت تحفظ ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون هيون، جن ۾ صحافتي تنظيمن جا اڳواڻ ۽ پوليس آفيسر ميمبر آهن. انهن ڪاميٽين جي موجودگيءَ ۾ صحافين جو انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻجڻ بي حسي چئجي. خبر ناهي ته اهي ڪاميٽيون ڪهڙي سبب غيرفعال آهن، جن کي فعال بڻائڻ گهرجي، جنهن سان صحافين ۽ پوليس وچ ۾ هم آهنگي پيدا ٿيندي.

آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد، جيڪي عبدالغفور سروهي خلاف ٿيندڙ انتقامي ڪاررواين کان اڳ ۾ ئي واقف آهن، تن کي هن اهم گرفتاريءَ ۽ ان جي سببن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. کين فراخدليءَ جو مظاهرو ڪري پيشيور ۽ پراڻي صحافيءَ کي آزاد ڪرڻ سان گڏ سازش ۾ شريڪ منشيات فروشن کي به پڪڙ ۾ آڻڻ گهرجي. عبدالغفور سروهي جي گرفتاري يا کيس گم ڪرڻ سان ڏوهارين ۽ منشيات فروشن جا حوصلا وڌي ويندا، جن کي قابو ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ نه رهندو، ۽ چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ٿيڻ وارن واقعن ۾ واڌ ايندي.

You might also like