سنڌ ۾ اٽي جا اگهه چوٽ چڙهي ويا، في ڪلو قيمت 210 رپين تائين پهچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اٽي جا اگهه وڌي 180 کان 210 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويا آهن، جنهن سبب پورهيت طبقو سخت پريشانيءَ جو شڪار ٿي ويو آهي.
ڪراچيءَ ۾ فائن اٽو 180 رپيا، جڏهن ته چڪيءَ وارو اٽو 210 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو آهي. حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ پڻ اٽي جي اگهن ۾ واڌ سبب شهري پريشان آهن.
شهرين جو چوڻ آهي ته اٽي جهڙي بنيادي خوراڪ مهانگي ٿيڻ سبب گهر جو خرچ هلائڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، جڏهن ته پورهيت طبقو ٻن ويلن جي ماني پوري ڪرڻ لاءِ به پريشان آهي.
ٻئي پاسي شهرين اٽي جي اگهن ۾ واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته قيمتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ۽ عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.

You might also like