اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) موبائل سگنلن جي کوٽ بابت عوامي آگاهي ۽ سهولت لاءِ واءِ فاءِ ڪالنگ استعمال ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
پي ٽي اي شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته موبائل سگنل ڪمزور هئڻ جي صورت ۾ ڪالز جي سهولت برقرار رکڻ لاءِ وائي فائي ڪالنگ (VoWiFi) استعمال ڪن.
پي ٽي اي طرفان جاري ڪيل آگاهي پيغام ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن گهر يا آفيس اندر موبائل سگنل ڪمزور هجن ته واءِ فاءِ ڪالنگ واهپيدارن لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي.
هن ٽيڪنالاجي ذريعي موبائل فون ڪالز لاءِ روايتي موبائل نيٽ ورڪ بدران موجود واءِ فاءِ انٽرنيٽ ڪنيڪشن استعمال ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته اها سهولت لاڳاپيل موبائل آپريٽر ۽ ڊوائيس جي سهڪار سان ئي دستياب هوندي.
پي ٽي اي موجب، واءِ فاءِ ڪالنگ ذريعي واهپيدار واءِ فاءِ نيٽ ورڪ سان ڳنڍجي پنهنجي موبائل فون تان ڪالون ڪري سگهي ٿو.
ان لاءِ ضروري آهي ته موبائل فون ۾ واءِ فاءِ ڪالنگ جي سهولت موجود هجي ۽ لاڳاپيل موبائل آپريٽر پڻ اها سروس فراهم ڪندو هجي.
اختياري اداري واهپيدارن کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو پنهنجي موبائل فون جي سيٽنگز ۾ وڃي واءِ فاءِ ڪالنگ وارو آپشن فعال ڪن. جيڪڏهن اهو آپشن موجود هجي ته ان کي آن ڪرڻ کانپوءِ واءِ فاءِ نيٽ ورڪ سان ڳنڍجي، موبائل سگنل ڪمزور وارن علائقن ۾ به ڪالنگ جي سهولت حاصل ڪري سگهجي ٿي.
پي ٽي اي وڌيڪ وضاحت ڪئي آهي ته واءِ فاءِ ڪالنگ جو اثرائتو استعمال موبائل ڊوائيس ۽ موبائل آپريٽر جي سهڪار تي دارومدار رکي ٿو، تنهن ڪري واهپيدار پنهنجي لاڳاپيل آپريٽر کان سروس جي دستيابي ۽ استعمال جي طريقي بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ٿا.
سگنل نه اچڻ باوجود ڪالون ممڪن، پي ٽي اي واءِ فاءِ ڪالنگ جو طريقو ٻڌائي ڇڏيو
You might also like