ننڍي عمر جي غربت دل تي به اثر انداز ٿئي ٿي: ماهرن جو انڪشاف

هڪ نئين تحقيق مان پتو پيو آهي ته گهٽ آمدني وارن ڪٽنبن ۾ پلجندڙ ماڻهن کي زندگيءَ جي پوئين حصي ۾ دل جي شريانين اندر چرٻي ۽ تهه گڏ ٿيڻ، جنهن کي اٿيروسڪليروسس چيو وڃي ٿو، جو خطرو وڌيڪ ٿي سگهي ٿو.

سويڊن جي ڪيرولنسڪا انسٽيٽيوٽ پاران ڪيل اها تحقيق جرنل آف دي آمريڪن هارٽ ايسوسيئيشن ۾ ڇپي آهي.

محققن سويڊن جي آباديءَ بابت ڪيل SCAPIS تحقيق ۾ شامل 15 هزار 640 ماڻهن جي انگن اکرن جو جائزو ورتو، جن جي عمر 50 کان 64 ورهين جي وچ ۾ هئي.

محققن شرڪت ڪندڙن جي 10 کان 12 ورهين جي عمر دوران سندن ڪٽنبن جي آمدنيءَ جو جائزو ورتو ۽ ان جو ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 50 ورهين کان پوءِ ڪرايل دل جي شريانين جي سي ٽي اسڪين جي نتيجن سان مقابلو ڪيو.

نتيجن مان ظاهر ٿيو ته گهٽ ۾ گهٽ آمدني وارن ڪٽنبن ۾ پلجندڙ ماڻهن ۾ وڌيڪ آمدني وارن ڪٽنبن جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ دل جي شريانين ۾ وچولي کان شديد درجي تائين چرٻي ۽ تهه گڏ ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ هئا.

محققن عمر، جنس ۽ ٻين عنصرن کي نظر ۾ رکڻ کان پوءِ معلوم ڪيو ته گهٽ آمدني وارن ڪٽنبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن ۾ ان بيماريءَ جا امڪان 43 سيڪڙو وڌيڪ هئا. جڏهن ته رهڻي ڪهڻيءَ جي طور طريقن، جوانيءَ دوران سماجي ۽ معاشي حالتن ۽ ٻين سڃاتل خطري وارن سببن کي به شامل ڪيو ويو، تڏهن به اهو فرق 31 سيڪڙو برقرار رهيو.

ماهرن موجب، تحقيق جا نتيجا ظاهر ڪن ٿا ته ٻالڪپڻ دوران ڪٽنب جون سماجي ۽ معاشي حالتون دل جي صحت تي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پوءِ به اثرانداز ٿي سگهن ٿيون.

You might also like