خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ آخري آپشن آهي، پي ٽي آءِ انتهاپسنديءَ جي سياست ڇڏي: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته خيبرپختونخوا جون حالتون سڀني جي سامهون آهن، پر صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ قانوني ايٽم بم جي برابر آهي، جنهن کي رڳو آخري آپشن طور استعمال ڪرڻ گهرجي.
ڪراچيءَ ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ هفتو اڳ وفاقي حڪومت ۽ سمورو نظام خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ لاءِ تيار هو، پر پيپلز پارٽيءَ جو موقف هو ته اهڙن غيرمعمولي آئيني اختيارن جو استعمال آخري قدم طور ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته صوبائي حڪومت عوامي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ بدران انتهاپسندي ۽ نفرت جي سياست ڪري رهي آهي، جنهن جو نقصان صوبي، عوام ۽ ملڪ کي پهچي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته اهڙي سياست سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڻ پاڪستان تحريڪِ انصاف کي ٿي رهيو آهي.
بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ وٽ عوامي حمايت موجود آهي، پر پنهنجي سياسي حڪمت عملي ۽ انتهاپسند روش سبب پارٽي پنهنجن ئي حامين کي مايوس ڪري رهي آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته ان ئي سبب پارٽي ڪراچيءَ ۾ به اثرائتو سياسي ڪردار ادا نه ڪري سگهي آهي.
هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ پنهنجي موجوده سياسي روش برقرار رکي ته مستقبل ۾ خيبرپختونخوا ۾ به سندس سياسي حيثيت متاثر ٿي سگهي ٿي.
چونڊ سڌارن بابت ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن ڪوشش ڪري سڀني ڌرين کي اليڪٽرل ريفارمز ڪميٽيءَ لاءِ راضي ڪيو آهي ۽ مسلم ليگ (ن) به ان تي راضي ٿي چڪي آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ ڪميٽيءَ جي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪندي ته ايندڙ چونڊون شفاف ڪيئن بڻائي سگهبيون؟
پ پ جي چيئرمين پي ٽي آءِ تي زور ڀريو ته اها ڌرڻن، محاذ آرائي ۽ انتهاپسنديءَ جي سياست ڇڏي پارلياماني سياست، ٻين سياسي پارٽين سان ڳالهه ٻولهه ۽ پارلياماني ڪميٽين ۾ سرگرم شرڪت جو رستو اختيار ڪري.
هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ اهو رستو اختيار ڪري ٿي ته نه رڳو سياسي ماحول بهتر ٿي سگهي ٿو، پر عوام جي مايوسي به گهٽائي سگهجي ٿي.

You might also like