پشاور (ويب ڊيسک) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) خيبر پختونخوا جي ترجمان شوڪت يوسفزئي چيو آهي ته پارٽي جي باني تائين رسائي ۽ ٻيا مطالبا مڃائڻ تائين لانگ مارچ جاري رهندو.
هڪ بيان ۾ هن چيو ته صوبي ۾ گورنر راڄ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، پيپلز پارٽي ڪڏهن به جمهوري پارٽي نه رهي آهي، گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي وڌيڪ سرگرم نظر اچي رهي آهي.
شوڪت يوسفزئي چيو ته پنهنجي ئي صوبي ۾ وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي گرفتارين تي ڳڻتي آهي، جنيد اڪبر خان چئي چڪو آهي ته گڏيل پاليسي تي عمل ڪرايو ويندو، جڏهن ته صوبائي حڪومت دهشتگرديءَ خلاف گڏيل پاليسي تي عملدرآمد لاءِ تيار آهي.
هن چيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ٽياڪڙي بابت کيس مڪمل ڄاڻ ناهي، پر ٻڌو آهي ته مولانا صاحب سان ٽياڪڙي لاءِ رابطو ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن مولانا صاحب ٽياڪڙي لاءِ ايندو ته سندس آجيان ڪئي ويندي.
پيپلز پارٽي گورنر راڄ جي حمايت ۾ سرگرم، ڪي پي ۾ اهڙو قدم ڪنهن به صورت قبول نه ڪنداسين: شوڪت يوسفزئي
Prev Post
You might also like