بلوچستان جي دڪي مان اغوا ٿيل پنجاب جا 8 پورهيت بازياب

دڪي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي دڪي مان ٻه هفتا اڳ اغوا ٿيل تعميراتي ڪمپنيءَ جا 8 پورهيت بازياب ٿي ويا.
بازياب ٿيل پورهيتن جو تعلق پنجاب جي علائقي چوڪ چڍڙ جي ڳوٺ مٺل ڏهر سان ٻڌايو پيو وڃي.
ميڊيا رپورٽن موجب، بازياب ٿيلن ۾ آفتاب، باسط، نعمان، شمن، نعيم، انشاد، سميع الله ۽ سڪندر ڏهر شامل آهن.
وارثن جو چوڻ آهي ته ٺيڪيدار طرفان مطالبا مڃڻ ۽ ميڊيا تي مسلسل خبرون نشر ٿيڻ کانپوءِ پورهيت گذريل رات بازياب ٿيا.

You might also like