حيدرآباد ۾ ڊي ايس پي اشرف قريشي جي فائرنگ ۾ زخمي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ ڊي ايس پي اشرف قريشي جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ٽن ڄڻن مان هڪ نوجوان ارشاد قاضي زخمن جا سور نه سهندي سول اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، پارڪنگ واري معاملي تان ڊي ايس پي اشرف قريشي مبينا طور ارشاد قاضي تي فائرنگ ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ارشاد قاضي سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، جن ۾ ٻه واٽهڙو به شامل هئا.
پوليس ڊي ايس پي اشرف قريشي کي گرفتار ڪري ورتو هو، جڏهن ته سندس خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like