حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) ۾ ميرٽ جي لتاڙ، مبينا بدعنواني ۽ حقدار نوجوانن جي حق تلفي خلاف شاگردن حيدرآباد کان ڪراچي تائين احتجاجي لانگ مارچ شروع ڪري ڇڏيو.
شاگردن ۽ مظاهرين حيدرآباد مان لانگ مارچ شروع ڪندي بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي.
شاگرد اڳواڻن اعلان ڪيو ته لانگ مارچ 14 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ وڏي وزير جي هائوس (سي ايم هائوس) اڳيان پهچندو، جتي مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌرڻو هنيو ويندو.
هنن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ بحال ڪرڻ ۽ سندن جائز مطالبا تسليم ڪرڻ تائين سي ايم هائوس اڳيان ڌرڻو جاري رکيو ويندو.
ايس پي ايس سي ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف شاگردن جو لانگ مارچ شروع، 14 آڪٽوبر تي سي ايم هائوس اڳيان ڌرڻي جو اعلان
You might also like