انساني حقن جي علمبردار ناوي پليءَ امن جو نوبيل انعام ماڻي ورتو

اسٽاڪ هوم(ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا سان تعلق رکندڙ ناليواري قانوندان ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن واري اڳوڻي هاءِ ڪمشنر ناوانيٿم ”ناوي“ پلي کي امن، انساني حقن ۽ عالمي قانون جي واڌاري لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ 2026ع جو نوبيل امن انعام ڏنو ويو آهي.
نوبيل ڪميٽي جي سربراهه يورگن واٽني فريڊنيس انعام جو اعلان ڪندي چيو ته ناوي پلي عالمي سطح تي امن، انصاف ۽ عالمي قانون جي تحفظ لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جي اعتراف ۾ کيس هن سال جو نوبيل امن انعام ڏنو پيو وڃي.

مون کي لڳو ته اهو ڪو مذاق آهي: ناوي پلي
نوبيل امن انعام ملڻ واري خبر تي ناوي پلي حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته شروع ۾ کيس يقين ئي نه آيو ته اها خبر واقعي درست آهي.
انعام جي اعلان کانپوءِ مختصر خطاب ڪندي گڏيل قومن جي انساني حقن واري اڳوڻي هاءِ ڪمشنر ٻڌايو ته کيس فون ڪال آئي، جنهن ۾ هڪ شخص کيس ٻڌايو ته هن نوبيل امن انعام کٽي ورتو آهي.
ناوي پلي کلندي چيو ته ”مون کي لڳو ته اهو ڪو ڀوڳ ئي آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”توهان جون تاڙيون منهنجي لاءِ وڏي اهميت رکن ٿيون، پر مان هڪ وڪيل ۽ جج رهي آهيان، تنهنڪري اڃا به ان خبر جي تصديق ڪرڻ چاهيان ٿي.“
پنجاسي ورهين جي ناوي پلي حاضرين سان خوشگوار انداز ۾ ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي به چٿر ڪئي.
هن چيو ته ”جيڪڏهن توهان ٿوريون گهڻيون تاڙيون وڄايو ته شايد مان اهو انعام ٽرمپ سان به ونڊي ڇڏيان.“
سندس اهو جملو گذريل سال جي نوبيل امن انعام ماڻيندڙ ماريا ڪورينا ماچاڊو جي ان قدم ڏانهن اشارو هو، جڏهن هن جنوريءَ ۾ پنهنجو ٻِلو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي پيش ڪيو هو.

ناوي پلي ڪير آهي؟
ناوي پلي ڏکڻ آفريڪا جي شهر ڊربن ۾ هڪ غريب ڀارتي نسل جي ڪٽنب ۾ جنم ورتو.
سندس والد بس ڊرائيور هو. نسلي متڀيد واري دور ۾ هن انساني حقن لاءِ ڪم شروع ڪيو ۽ 1967ع ۾ صوبي نيٽل ۾ وڪالت جو چيمبر آفيس قائم ڪندڙ پهرين عورت بڻي.
ان کانپوءِ هوءَ ڏکڻ آفريڪا جي هاءِ ڪورٽ جي پهرين غير سفيد فام عورت جج بڻي.
نسلي متڀيد خلاف سرگرم ڪارڪنن جا ڪيس وڙهڻ کانپوءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کيس روانڊا لاءِ عالمي فوجداري ٽربيونل جي جج چونڊيو، جتي هن اٺ سال خدمتون انجام ڏنيون، جن ۾ چار سال ٽربيونل جي صدر طور به شامل هئا.
ناوي پلي ويجهڙائي وارن سالن ۾ والاريل فلسطيني علائقن بابت گڏيل قومن جي آزاد عالمي جاچ ڪميشن جي سربراهه پڻ رهي آهي.
هوءَ هن وقت عالمي عدالت انصاف ۾ ان ڪيس سان به لاڳاپيل آهي، جنهن ۾ ميانمار تي نسل ڪشي جا الزام ٻڌڻي هيٺ آهن.
انساني حقن، انصاف ۽ جوابدهي جي اصولن جي واڌاري لاءِ ڊگهي عرصي کان خدمتون انجام ڏيڻ سبب ناوي پلي کي عالمي سطح تي نمايان مقام حاصل آهي.

You might also like