منهنجي فيس يتيم خاني ۾ عطيو ڪري ڇڏجانءِ“، روهت شيٽي نانا پاٽيڪر گهاڙيل گهڙين جون يادون شيئر ڪري ڇڏيون

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي ناليواري هدايتڪار روهت شيٽي ليجنڊري اداڪار نانا پاٽيڪر جي ديهانت تي کيس ياد ڪندي چيو آهي ته هاڻي نانا جون رات دير سان ايندڙ فون ڪالون کيس تمام گهڻيون ياد اينديون.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل پيغام ۾ روهت شيٽي نانا پاٽيڪر کي مخاطب ٿيندي لکيو ته ”دادا، تنهنجون رات دير سان ايندڙ ڪالون ڏاڍيون ياد اينديون.“
هن چيو ته نانا جو اهو انداز ”نه هيلو، نه ڪا رسمي ڳالهه، بس سڌو سنئون: اڙي شيٽي، ڇا پيو ڪرين؟“ ڪڏهن به نه وسرندو.
روهت شيٽي چيو ته سندس فلم رليز ٿيڻ کانپوءِ نانا پاٽيڪر سندس سڀ کان وڏن ۽ سچن نقادن مان هڪ هو، جيڪو ڪڏهن به ڳالهه کي خوشامد واري انداز ۾ پيش نه ڪندو هو.
هن ٻڌايو ته نانا ڪڏهن چوندو هو ”هيءَ فلم تو سٺي ٺاهي آهي“، ته ڪڏهن ”هيءَ فلم مون کي سٺي نه لڳي“، جڏهن ته ڪنهن فلم کي ”سپر هٽ“ قرار ڏيندو هو ته ڪنهن بابت چوندو هو ته ”هيءَ تو هٽ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
روهت شيٽي چيو ته نانا پنهنجي ئي انداز ۾ کيس اڪثر ياد ڏياريندو هو ته ”اڙي، تون پاڻ ئي اسٽار آهين، توکي ايترا اسٽارز رکڻ جي ضرورت ئي ناهي.“
هن ”گول مال اگين“ ۾ نانا پاٽيڪر جي ڪيميو جو ذڪر ڪندي چيو ته هو اهو لمحو ڪڏهن به وساري نه سگهندو، جڏهن هن نانا کان سندس فيس بابت پڇيو هو.
روهت شيٽي موجب، نانا ان تي چيو هو ته ”چريا، توکان پئسا وٺندس؟ هڪ يتيم خاني جو نمبر ڏيانءِ ٿو، اتي وڃي عطيو ڪري ڇڏ.“
روهت شيٽي چيو ته نانا جي واتان ”شيٽي“ ٻڌڻ واري ڳالهه هو هميشه ياد رکندو ۽ کيس تمام گهڻو ساريندو.

You might also like