ڀارت ۾ تيز رفتار گاڏي جو بيٺل ٽرالر کي ٽڪر، 7 ماڻهو فوت

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياست گجرات ۾ پيش آيل ٽريفڪ حادثي ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو گذريل ڏينهن رياست گجرات جي ضلعي ڀاونگر جي شاهراهه تي پيش آيو، جتي تيز رفتار گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي. فوت ٿيل ماڻهو ڀاونگر کان الانگ وڃي رهيا هئا، جتي اهي هڪ جهاز ٽوڙڻ واري هنڌ تي ڪم ڪندا هئا.

پوليس موجب حادثو صبح جو لڳ ڀڳ 10 وڳي ڀاونگر-سومناٿ قومي شاهراهه سان لاڳاپيل سروس روڊ تي پيش آيو، جتي تيز رفتار گاڏي روڊ تي بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٽرالر شاهراهه جي سروس روڊ تي بيٺل هو، پٺيان کان ايندڙ هڪ گاڏي ٽرالر جي پٺئين حصي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو علاج دوران فوت ٿي ويو.

اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته ٽڪر ايترو شديد هو، جو ٽرالر اڳتي هليو ويو ۽ لاش شاهراهه تي پکڙجي ويا، جڏهن ته حادثي ۾ گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي.

You might also like