ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا يامي گوتم ميڊيا کي پنهنجي تصويرن ۾ هٿرادو ڏاهپ ذريعي تبديلي نه ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.
فلم ’حق‘ جي اداڪارا يامي گوتم انسٽاگرام تي ميڊيا جي نالي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته عوامي تقريبن دوران ورتل سندس تصويرن ۾ هٿرادو ڏاهپ ذريعي تبديلي يا سڌارو ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
يامي گوتم چيو ته سندس تصويرون اصل حالت ۾ ئي استعمال ڪيون وڃن، ڪنهن به ماڻهو جي رضامندي ۽ ڄاڻ کانسواءِ هٿرادو ڏاهپ ذريعي سندس تصوير يا حُليي ۾ تبديلي نه ڪرڻ گهرجي.
اداڪارا ميڊيا کي درخواست ڪندي چيو ته سندس خواهش جو احترام ڪيو وڃي.
واضح رهي ته يامي گوتم طرفان اها درخواست سندس نئين فلم ’نئين نويلي‘ جي واڌاري مهم دوران سامهون آئي آهي، جيڪا 16 آڪٽوبر تي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.