تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف ۽ خاتم الانبياءَ مرڪزي هيڊڪوارٽر جي ڪمانڊر علي عبداللهي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران خلاف نئين جنگ شروع ڪئي وئي ته ان جي باهه خطي ۾ آمريڪا جي ميزباني ڪندڙ سڀني ملڪن تائين پهچي ويندي.
علي عبداللهي هڪ بيان ۾ چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن جي ابتڙ ايران آمريڪا جي وچ مدي وارين چونڊن جي نتيجن جو انتظار نه ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي خلاف ڪنهن به فوجي ڪارروائي جو سخت جواب ڏيندو.
هن چيو ته ايران هر قسم جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.
ايراني هٿياربند فوج جي سربراهه عالمي جوهري توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) تي به تنقيد ڪندي ان کي ”رڍ جي کل ۾ بگهڙ“ قرار ڏنو.
علي عبداللهي چيو ته ايران جي جوهري مرڪزن بابت ايجنسي جا تبصرا بي بنياد آهن.
ايران خلاف نئين جنگ شروع ڪئي وئي ته خطي ۾ آمريڪا جي ميزباني ڪندڙ سڀئي ملڪ ان جي لپيٽ ۾ ايندا: ايراني آرمي چيف
You might also like