ڪي پي جي صورتحال تي وزيراعظم شهباز شريف جي صدر آصف زرداري سان ٻيهر ملاقات جو فيصلو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي موجودا صورتحال تي وزيراعظم شهباز شريف ٻيهر صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران خيبرپختونخوا جي صورتحال ۽ اپوزيشن سان ٿيل ڳالهين جو جائزو ورتو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ يا ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي آپشن تي پڻ غور ويچار ٿيڻ جو امڪان آهي.
You might also like