حوثي باغين جو سعودي ڊورن تباهه ڪرڻ جي دعويٰ، يمني فورسز ” باب المندب“ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو

صنعا (ويب ڊيسڪ)يمني هٿياربند فوج جي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومتي فورسز باب المندب ۽ تعز جي اولهه ۾ ذو باب ايئرپورٽ جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي.
يمني ترجمان موجب، اها ڪارروائي ”فجر اليمن“ نالي آپريشن جو حصو آهي، جنهن جو مقصد صنعا ڏانهن اڳڀرائي ڪرڻ آهي.
ٻئي پاسي حوثي باغين سان لاڳاپيل ٽي وي چينل المسيرا دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي هوائي حملن ۾ صنعا جي ڀرپاسي واري علائقي بني حشيش ۾ هڪ شاگردياڻي مارجي وئي، جڏهن ته ٻه زخمي ٿي پيون.
المسيرا ٽي وي موجب، حوثين تعز جي هوائي حدن ۾ سعودي عرب جو وِنگ لونگ-2 ڊرون به ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ان دوران حوثين سان لاڳاپيل هڪ اداري ايئرلائنز کي سعودي هوائي حدن ۾ اڏامن بابت خبردار ڪيو آهي.
برطانوي ميڊيا موجب، بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيستائين سعودي ڪارروائيون جاري رهنديون، سعودي هوائي حدون محفوظ نه هونديون.
هوڏانهن رياض ۾ سعودي عرب، ترڪي ۽ پاڪستان جي اعليٰ اختيارين جو هنگامي اجلاس به جاري آهي، جنهن ۾ حوثي باثين جي حملن ۽ علائقائي سلامتي جي صورتحال تي غور ڪيو پيو وڃي.
پاڪستان جي پرڏيهي کاتي موجب، اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، بچاءَ وارو وزير ۽ هٿياربند فوجن جا سربراهه شرڪت ڪري رهيا آهن.

You might also like