سال 2026ع جو طب جو نوبيل انعام دماغ جي اسرارن تي تحقيق ڪندڙ ٽن سائنسدانن کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جن ۾ ٻن جو تعلق جرمني ۽ هڪ جو آمريڪا سان آهي.
طب جو نوبيل انعام آمريڪا سان واسطو رکندڙ ڪارل ڊيسروٿ ۽ جرمني سان تعلق رکندڙ پيٽر هيگمين ۽ جارج ناگل کي ڏنو ويو آهي.
نوبيل ڪميٽي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ٽنهي سائنسدانن آپٽو جينيٽڪس، دماغي اعصابي خلين ۽ روشني سان لاڳاپيل جينز ۽ روشني جذب ڪندڙ پروٽينز بابت اهم دريافتون ڪيون.
سندن تحقيق جي نتيجي ۾ اهڙي ٽيڪنالاجي جي تياري ۾ مدد ملي، جنهن ذريعي اهو سمجهڻ ممڪن ٿيو ته دماغ يادگيرين، احساسن ۽ روين کي ڪيئن ترتيب ڏئي ٿو.
نوبيل انعام حاصل ڪندڙ ٽنهي سائنسدانن ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک سويڊش ڪرونا جي انعامي رقم برابر ورهائي ويندي.
پيٽر هيگمين ۽ جارج ناگل گڏجي چينل روڊوپسن نالي پروٽين دريافت ڪيو، جڏهن ته ڪارل ڊيسروٿ ان پروٽين کي اعصابي خلين لاءِ روشنيءَ سان ڪنٽرول ٿيندڙ سوئچ ۾ تبديل ڪيو.
واضح رهي ته فزڪس جي نوبيل انعام جو اعلان 6 آڪٽوبر، ڪيمسٽري جو 7 آڪٽوبر ۽ ادب جو نوبيل انعام 8 آڪٽوبر تي ڪيو ويندو.
امن جي نوبيل انعام جو اعلان 9 آڪٽوبر، جڏهن ته معاشيات جي نوبيل انعام جو اعلان 12 آڪٽوبر تي ڪيو ويندو.
ان کان اڳ 2024ع ۾ نوبيل ڪميٽي مدافعتي نظام جي ڪم بابت اهم دريافتون ڪندڙ ٽن سائنسدانن کي طب جو نوبيل انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.
You might also like