عمران خان کي ڳالهين ۾ شامل ڪرڻو پوندو، ان کانسواءِ ڪجهه به اڳتي نه وڌندو: سلمان اڪرم راجا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي ناڪاميءَ جو ذميوار حڪومت کي قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان کي ڳالهين جي عمل ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ڪو به معاملو اڳتي نٿو وڌي سگهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو ته ڳالهين دوران واضح ڪيو ويو هو ته عمران خان سان پارٽي اڳواڻن جون ملاقاتون سڀ کان اهم معاملو آهن.
هن چيو ته عمران خان کي ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به نٿو ٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته رياست ۽ عوام وچ ۾ پيدا ٿيل وڇوٽيون رڳو عمران خان ئي ختم ڪري سگهي ٿو.
سلمان اڪرم راجا چيو ته عمران خان کي پنهنجي گهرڀاتين، پارٽي اڳواڻن ۽ وڪيلن سان ملاقات جو حق ملڻ گهرجي.
هن دعويٰ ڪئي ته عمران خان خلاف 300 کان وڌيڪ ڪيس آهن، جڏهن ته وڪيل عدالت ۾ پنهنجي موڪل جي هدايت موجب ئي موقف پيش ڪندو آهي.
هن چيو ته اهي سمورا معاملا ڳالهين دوران رکيا ويا هئا ۽ واضح ڪيو ويو هو ته انهن معاملن جي حل کانسواءِ ڳالهين ۾ ڪا اڳڀرائي ممڪن نه هوندي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سٺي دل ۽ نيت سان ڳالهين جي عمل ۾ شامل ٿي هئي.
ٻئي پاسي پارلياماني معاملن بابت سڌ سماءُ واري سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري سومر ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حڪومت کليل دل سان ڳالهين ۾ حصو ورتو ۽ سمورا معاملا آخري مرحلي ۾ پهچي ويا هئا، پر اوچتو سمورو عمل ختم ڪيو ويو.
بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته اهو طئي ئي نه ٿي سگهيو ته ڳالهين لاءِ ڪنهن سان رابطو ڪيو وڃي. ڪڏهن عمران خان جون ڀينرون، ڪڏهن خيبر پختونخوا حڪومت ۽ ڪڏهن ڪو ٻيو ڌر سامهون اچي وڃي ٿي.

You might also like