اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايمان مزاري ۽ هادي علي خلاف داخل ڪيس جو رڪارڊ پيش نه ڪرڻ تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊي ايس پي ليگل نعيم يوسف جي گرفتاري جو اشارو ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين ايمان مزاري ۽ هادي علي جي ضمانت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
ان دوران جاچ آفيسر جي غيرحاضري ۽ ڪيس جو رڪارڊ پيش نه ٿيڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ڊي ايس پي ليگل نعيم يوسف کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو.
جج ڊي ايس پي کي مخاطب ٿيندي چيو ته عدالت به هڪ فورس جيان آهي، جنهن کي پنهنجي حڪمن تي عمل ڪرائڻ گهرجي، عدالت انگريزي ۾ ڳالهائڻ تي اردو ۾ ڳالهائڻ جي هدايت به ڪئي.
عدالت واٽس ايپ ذريعي موڪليل دستاويز جي پرنٽ ڪاپي رد ڪندي اصل دستاويز پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ٻڌڻي دوران جج ڪورٽ روم ۾ هٿڪڙيون به گهرائي ورتيون ۽ سيڪيورٽي انچارج کي هدايت ڪئي ته ڊي ايس پي کي نه وڃڻ ڏيو ، جڏهن ته گيٽ تي مقرر عملي کي به کيس ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ جي هدايت ڪئي وئي.
عدالت درست ڄاڻ فراهم نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڊي ايس پي جي گرفتاري جو به اشارو ڏنو.
جج جو چوڻ هو ته جڊيشل فورس جي ضرورت آهي، هتي ته 1898ع ۽ 1860ع وارو نظام هلي رهيو آهي.
ڊي ايس پي نعيم يوسف عدالت کي ٻڌايو ته جاچ آفيسر گلگت بلتستان ۾ موجود آهي ۽ سندس فون به بند آهي.
ان تي صفائي واري وڪيل رياست علي چيو ته عدالتن جو مذاق بڻايو ويو آهي ۽ بدنيتي واضح نظر اچي ٿي.
ان کانپوءِ جج ابو الحسنات ذوالقرنين چيو ته هو معاملي تي تفصيلي حڪم جاري ڪندا ۽ جاچ آفيسر جي دستيابي نه ٿيڻ بابت پڻ فيصلو ڏيندا، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like