مڪي مڪرم جي آسمان تي سڀاڻي سومر جي صبح چنڊ ڪعبي شريف جي بلڪل مٿان نظر ايندو، جنهن جو دلڪش منظر ڏسي سگهجي ٿو.
سعودي ميڊيا موجب هن سال اهو ٻيو موقعو هوندو، جڏهن چنڊ ڪعبي شريف جي عين مٿان هوندو. جدي فلڪياتي سوسائٽي جي سربراهه انجنيئر ماجد ابو زهره موجب چنڊ مقامي وقت موجب صبح 7 لڳي 50 منٽ ۽ 31 سيڪنڊن تي پنهنجي بلند ترين هنڌ تي پهچندو، جيڪو پاڪستاني وقت موجب صبح 9 لڳي 50 منٽ ٿيندو.
هن چيو ته ڏينهن جو وقت هجڻ سبب سج جي روشنيءَ ڪري چنڊ رات جي ڀيٽ ۾ ٿورو گهٽ نمايان نظر ايندو، پر هيءَ قدرتي نشاني انهن ڏورانهن علائقن جي مسلمانن لاءِ قبلي جي رخ جي درست سڃاڻپ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، جتان چنڊ افق تي نظر اچي سگهندو.