ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪار سلمان خان کي اسڪول جي فيس وقت تي ادا نه ٿيڻ سبب ڪلاس مان ٻاهر ڪڍڻ جو واقعو ٻيهر سماجي رابطن واري ميڊيا تي گردش ڪرڻ لڳو آهي.
60 ورهين جي سلمان خان سيپٽمبر 2025ع ۾ ڪاجول ۽ ٽوئنڪل کنا جي ڳالهه ٻولهه واري پروگرام ۾ پنهنجي ننڍپڻ جون ڏکيائون ٻڌائيندي چيو هو ته چوٿين درجي ۾ فيس وقت تي ادا نه ٿيڻ سبب سزا طور کيس ڪلاس کان ٻاهر بيهاريو ويو هو.
هن ٻڌايو ته سندس والد سليم خان استاد کان سبب پڇيو ته کيس چيو ويو ته سلمان جي نه، پر فيس وقت تي ادا نه ڪرڻ جي غلطي اوهان جي آهي. جنهن تي والد چيو ته جيڪڏهن فيس نه ڀرڻ تي ڪنهن کي ٻاهر بيهارڻو آهي ته مون کي بيهاريو وڃي.
سلمان موجب والد پرنسپال سان ملي فيس ادا ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، پر ٻن هفتن کانپوءِ ساڳيو واقعو ٻيهر پيش آيو ۽ کيس ٻيهر ڪلاس کان ٻاهر ڪڍيو ويو.
سلمان خان جو اهو واقعو ان وقت ٻيهر سامهون آيو، جڏهن کيس ڀارت جي امير ترين اداڪارن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو. رپورٽ موجب سندس ملڪيت جي ماليت لڳ ڀڳ 3 هزار ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي، جڏهن ته فهرست ۾ هو شاهه رخ خان ۽ اميتاب بچن کانپوءِ شامل آهي.
سلمان خان جي فلم ’ماتري ڀومي: مي وار ريسٽ اِن پيس‘ جي نمائش جون تياريون جاري آهن، جڏهن ته سندس ٻي فلم ’مونسٽر‘ پڻ تيار ٿي رهي آهي.