بجلي واري شعبي موجب پاڪستان جو بجلي وارو نظام گهٽ خرچ تي بجلي فراهم ڪرڻ جي اصول تحت هلي ٿو، يعني پهرين گهٽ خرچ تي بجلي پيدا ڪندڙ بجلي گهر هلايا وڃن ٿا ته جيئن واهپيدارن کي مهانگي بجلي کان بچائي سگهجي. جڏهن پاڻي مان پيدا ٿيندڙ بجلي گهٽ هجي، رات جو شمسي بجلي دستياب نه هجي، اوچتو بجلي جي گهرج وڌي وڃي يا ڪو ٻيو بجلي گهر بند ٿي وڃي ته مهانگا بجلي گهر هلائڻا پون ٿا.
بجلي واري شعبي موجب اهڙا گهٽ هلندڙ ۽ مهانگا بجلي گهر ئي بجلي جي نظام لاءِ هنگامي سهاري طور ڪم ڪندا آهن.
ان حوالي سان بجلي واري شعبي جي فني صلاحڪار سيد فيضان علي شاهه جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ شمسي توانائي جي تيزي سان وڌندڙ لاڙي کانپوءِ بجلي جي رسائي واري ڄار جو استحڪام انتهائي ضروري ٿي ويو آهي. سياري ۾ پاڻي مان پيدا ٿيندڙ بجلي دستياب نه هوندي آهي، جڏهن ته آبناءِ هرمز جي صورتحال کانپوءِ بجلي گهرن کي گهربل مقدار ۾ گئس به نٿي ملي.
بجلي واري شعبي موجب مالي سال 2025-26ع دوران ٻارڻ جي تيل مان بجلي پيدا ڪرڻ جي دستياب 5 سيڪڙو گنجائش مان رڳو هڪ سيڪڙو استعمال ڪئي وئي. اختيارين جو چوڻ آهي ته 2025-26ع دوران 1863 ارب رپين جي گنجائش وارين ادائگين کي مڪمل طور تي گهٽ هلندڙ بجلي گهرن سان ڳنڍڻ درست ناهي.
اختيارين موجب مالي سال 2025-26ع جي مجموعي گنجائش وارين ادائگين مان 944 ارب رپيا قرضن جي ادائگي، 471 ارب رپيا هلائڻ ۽ سار سنڀال، جڏهن ته 449 ارب رپيا سيڙپڪاري تي منافعي جي مد ۾ شامل هئا.