رونالڊو جي ڇڏڻ کانپوءِ ٽيم جا هڪ ئي رات ۾ 20 لک فالوئر گهٽجي ويا! کُٽڻ جو سلسلو جاري

فٽبال جي عظيم رانديگر ڪرسٽيانو رونالڊو جي هيڊ ڪوچ جورج جيسس سان مبينا اختلافن کانپوءِ پرتگال جي قومي ٽيم جو تربيتي ڪيمپ ڇڏڻ بعد پرتگال جي ٽيم جي انسٽاگرام تان راتو رات 20 لک فالوور گهٽجي ويا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب رونالڊو رات 2 وڳي پرتگال جي ٽيم ڇڏي ڏني، جڏهن ته انتظاميا صبح 10 وڳي رونالڊو جي 7 نمبر واري جرسي ٻئي رانديگر کي ڏئي ڇڏي.

رونالڊو جي 7 نمبر واري جرسي ڪجهه ئي ڪلاڪن کانپوءِ ٻئي رانديگر کي ڏيڻ تي سندس مداحن ۾ سخت بيچيني ۽ ڪاوڙ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.

سڄي دنيا ۾ رونالڊو جي مداحن پرتگال جي قومي ٽيم جي سرڪاري انسٽاگرام کاتي کي ڇڏي ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو.

پرتگال جي ٽيم جي انسٽاگرام کاتي جا 2 ڪروڙ 50 لک پوئلڳ هئا، جن مان 20 لک ماڻهن ناراض ٿي رات وچ ۾ کاتي کي فالو ڪرڻ ڇڏي ڏنو، جنهن کانپوءِ پوئلڳن جو انگ 2 ڪروڙ 30 لک رهجي ويو آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي به جاري آهي.

جنهن رانديگر کي رونالڊو جي 7 نمبر واري جرسي ڏني وئي، ان جو چوڻ آهي ته هو 7 نمبر وٺڻ نپو چاهي. هن ڪوچن کي اهو به چيو هو ته اسان کي رونالڊو جي عزت ڪرڻ گهرجي، هو اڃا هتان ويو آهي، مان سندس نمبر ڪيئن وٺان؟ پر ڪوچن مٿس زور وڌو، جنهن سبب کيس رونالڊو جي 7 نمبر واري جرسي وٺڻي پئي.

You might also like