گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) جيئي سنڌ قومي محاذ (شهيد بشير خان قريشي) گروپ جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته پاڪستان جي آئين موجب ملڪ چئن صوبن تي ٻڌل آهي ۽ صوبن کي ٽوڙي نٿو سگهجي.
گهوٽڪي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جيڪو بل پاس ڪرايو آهي، ان جي حمايت ڪريون ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ورهاڱي خلاف ايم ڪيو ايم جي باني جي بيان جي به حمايت ڪريون ٿا.
سنڌ اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جيڪو بل پاس ڪرايو آهي، ان جي حمايت ڪريون ٿا: نياز ڪالاڻي
You might also like