مديني ۾ مسجد نبوي صه جي بجلي مرڪز تي حملو، سعودي اتحاد حوثين کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

مدينو شريف (ويب ڊيسڪ ) يمن جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل حڪومت لاءِ قائم فوجي اتحاد الزام لڳايو آهي ته حوثي باغين مديني ۾ موجود پاور ڊسٽريبيوشن اسٽيشن کي ڊرون حملي ذريعي نشانو بڻايو آهي.
سعودي عرب جي اڳواڻي ۾ قائم اتحاد جي ترجمان ميجر جنرل ترڪي المالڪي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 29 سيپٽمبر 2026ع تي صبح جو 5 لڳي 11 منٽن تي مديني ۾ موجود بجلي ورڇ واري مرڪز تي حملو ڪيو ويو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پوسٽ ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته لاڳاپيل اختيارين جي جاچ ۽ گڏ ڪيل ثبوتن مان پتو لڳايو ويو آهي ته حملي جي رٿابندي ۽ ان تي عملدرآمد ۾ حوثي باغي ملوث هئا.
اتحاد جو چوڻ آهي ته اهو نتيجو واقعي کانپوءِ ٿيل جاچ ۽ استعمال ٿيل ڊرون جي ملبي جي جائزي کانپوءِ ڪڍيو ويو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملي جي نتيجي ۾ هڪ پاور ٽرانسفارمر ناڪارا ٿي ويو، تنهن هوندي به بجلي جي فراهمي واري نظام تي ڪو اثر نه پيو.
سعودي اتحاد دعويٰ ڪئي ته جنهن انفرااسٽڪرچر کي نشانو بڻايو ويو، اهو ”مديني ۾ مسجد نبوي ﷺ کي بجلي فراهم ڪندڙ نظام جو حصو هئي.“
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اتحاد حوثي مليشيا کي روڪڻ لاءِ قدم جاري رکندو.

You might also like