”نڪرو هتان!“ روبيو جو ايراني وفد کي ترت آمريڪا ڇڏڻ جو حڪم

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي نيويارڪ ۾ موجود ايراني وفد کي فوري طور آمريڪا ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
آمريڪي اختيارين موجب، وفد ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي به شامل هو.
قطر جي ٽياڪڙي سان واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ ٿيندڙ اڻ سڌين ڳالهين ۾ ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿي سگهي.
رپورٽن موجب، ان کانپوءِ روبيو ايراني وفد کي نيويارڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪئي.
ايراني گڏيل قومن واري وفد ان دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته وفد اڳواٽ طئي ٿيل شيڊيول موجب نيويارڪ مان روانو ٿيو، جنهن بابت آمريڪي پرڏيهي کاتي کي 17 سيپٽمبر تي آگاهه ڪيو ويو هو.

You might also like