ڪراچي(رپورٽر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪي پي حڪومت دهشتگردي کي منهن ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ لانگ مارچ غيرمشروط طور ختم ڪري.بلاول ڀٽو زرداري ۽ خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو.پشاور مان گورنر هائوس جي ترجمان موجب، بلاول ڀٽو ۽ گورنر فيصل ڪنڊي وچ ۾ خيبر پختونخوا جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ترجمان موجب گورنر بلاول ڀٽو کي خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي جي واقعن بابت بريفنگ ڏني ۽ هنگو، ڊي آءِ خان، ٽانڪ ۽ ڪوهاٽ ۾ دهشتگردي جي واقعن کان آگاهه ڪيو.ترجمان موجب گورنر افغانستان جي ڊرون ڪيرائڻ بابت پڻ بلاول ڀٽو کي بريفنگ ڏني.ان موقعي تي بلاول ڀٽو چيو ته صوبائي حڪومت دهشتگردي ۽ جنگ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، جڏهن ته خيبر پختونخوا ۾ لانگ مارچ غيرمشروط طور ختم ڪيو وڃي. هوڏانهن بلاول ڀٽو زرداري سان بلاول هائوس ۾ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون.ترجمان موجب ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب بلاول ڀٽو زرداري کي شهر ۾ جاري مختلف منصوبن تي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو.صوبائي وزير ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن مڪيش ڪمار چاولا پنهنجي کاتي جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني.سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شهباز دراني بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات دوران شڪارپور جي عوامي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو.سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه صوبي جي انتظامي صورتحال بابت بلاول ڀٽو زرداري کي بريفنگ ڏني.ترجمان موجب سنڌ اسيمبلي جي ميمبر شهريار خان شر ملاقات دوران گهوٽڪي جي سياسي صورتحال تي پڻ بلاول ڀٽو زرداري سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.