جيڪب آباد ۾ جکراڻي ڀائرن وچ ۾ ملڪيت تان تڪرار وڌي ويو

جيڪب آباد(عوامي آواز نيوز) پ پ ايم اين اي اعجاز جکراڻي ۽ سندس ڀائرن وچ ۾ ملڪيت تان تڪرار وڌي ويو،معاملو سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل آهي،اعجاز جکراڻي جي ويڳي ڀاءُ خالد جکراڻي سوشل ميڊيا وڊيو ۾ چيو آهي ته اعجاز جکراڻي اسان جو ڀاءُ آهي،هن اسان جي عزت ۽ رزق تي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن،عزت تي حملا ته اسان برداشت ڪيا پر هاڻي هو اسان جي رزق تي حملا پيو ڪري،هن چيو ته جيڪب آباد ۾ اسان جي والد المدينه رائيس مل کولي هئي تنهن وقت ۾ هن پنهنجي ملازم جي نالي تي اها مل ڪئي هئي هن چيو ته اعجاز جکراڻي پنهنجي ملازمن کي گهرائي اها مل پنهنجي پٽ حارث ۽ ڀائيٽي فهد جي نالي تي ڪرائي ڇڏي آهي،ان پراپرٽي تي اسان جو ۽ اسان جي ڀينرن سڀني جو حق آهي، مير اعجاز اهي پراپرٽيون اسان ۽ اسان جي ڀينرن کي نٿو ڏيڻ چاهي،هن چيو ته اعجاز جکراڻي پهرين اسان خلاف پوليس کي استعمال ڪيو هاڻي روينيو کاتي کي استعمال ڪري ڪراچي ۽ جيڪب آباد جا مختيارڪار ونگارو ڪري پراپرٽيون هڙپ ڪري رهيو آهي،هن چيو ته مير اعجاز توهان وڏا ماڻهو آهيو،وڏي ماڻهو جا پٽ آهيو،اهي شيون توهان کي نٿيون سونهين،توهان منهنجي عزت ۽ رزق تي حملا ڪيا آهن اهي ڪريل حرڪتون توهان کي زيب نٿيون ڏين،هن چيو ته ان رائيس مل جي 50 کان 60 ڪروڙ رپيا قيمت آهي،ان تي منهنجو ۽ ڀينرن جو حق لڳي ٿو،مان توهان کي 60 ڪروڙ ته ڇا پنهنجا،ڀاءُ جا ۽ پنهنجي ڀينرن جا 60 رپيا به ڦٻائڻ نه ڏيندس،جڏهن ته خالد جکراڻي جي وڊيو بيان کانپوءِ مل جي ملازم عبدالرحيم جو قرآن پاڪ کڻي  وڊيو بيان به سوشل ميڊيا تي وائرل آهي،جنهن ۾ هن چيو ته سردار بقا محمد  اها مل ورتي هئي،کاتا منهنجي نالي تي ٿيا،هن چيو ته اعجاز جکراڻي جي چوڻ تي فهد جکراڻي اسان کي ڪراچي وٺي ويو ۽ ڪياماڙي ۾ روينيو آفيس ۾ فهد جکراڻي خاڪي لفافا ڏنا جنهن کانپوءِ مون کان صحيحون ورتيون ويون،هن چيو ته اعجاز جکراڻي مون کي گهرايو پر هو مون سان نه مليو پوءِ مون کي فهد جکراڻي ڪي بي جي ٻن نوجوان پٽ سان گڏ ڪياماڙي وٺي ويو،جڏهن ته عبدالرحيم وري ان بيان کان ڦري چيو ته آزاد جکراڻي مون کي پنهنجي سئوٽ ولي جکرڻي جي گهر آندو جتي اسٽامپ پيپر تي آڱوٺا ورتا ويا،هن چيو ته مون سوچيو ته انڪار ڪيم ته متان ڌڪ نه هڻن،جڏهن ته اعجاز جکراڻي جي پٽ مير رافع خان جکراڻي سوشل ميڊيا تي بيان ڏنو آهي ته چاچن ۽ سئوٽن جي رويي جي ڪري جيڪب آباد ۾ ماڻهو جکراڻي مخالف سوچ رکن ٿا،اوهان جي ڪري جکراڻي برادري جو نالو بدنام ٿيو آهي،اسان جي اعجاز جکراڻي جي ڀائرن جي ملڪيتن تي قبضي جي سازش ناهي،ڪنهن جي ملڪيت تي قبضو نه ڪنداسين،المدينه رائس مل ۾ اسان جي سئوٽ مير فهد خان جو حصو ٿئي ٿو،چاچا هن جو حصو کائڻ چاهين پيا اسان انهن کي حصو ڪنهن به ريت کائڻ نه ڏينداسين،چاچن ڏاڏي جي ملڪيت کپائي ڇڏي آهي ۽ ڪيش به کائي ويا آهن

You might also like