سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آھي،ڌرتي ورهائڻ جون سازشون پيون ٿين

وارهه (پ ر) وارهه ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ، ليکڪ، ايم آر ڊي جي اسير ۽ سڄي زندگي پورهيتن ۽ مسڪين ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪامريڊ منان چانڊئي جي ورسي ۽ ”سنڌ جو ورهاڱو نامنظور“ جي عنوان سان جلسي عام ڪيو ويو. جلسي عام کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ ستار رند، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ماھ نور ملاح، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر اعتزاز گائينچو، عوامي تحريڪ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي آرگنائيزر رفيع لغاري، سنڌي هاري تحريڪ جي اڳواڻ ڪامريڊ غلام مصطفي چانڊيو، ايڊووڪيٽ نجيب مھيسر، عرفان منان چانڊيو، قادر ڀٽو، علي حسن وڪو، ڪامريڊ سرتاج چانڊيو، نوريز چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ڪامريڊ منان چانڊئي جو ڪردار مثالي آهي. هن ظلم ۽ جبر جو مقابلو ڪيو ۽ جاگيرداراڻي ماحول واري علائقي ۾ هارين، پورهيتن ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ آواز بلند ڪيو. هن جمهوريت لاءِ قربانيون ڏنيون ۽ جنرل ضياءَ جي سخت مارشل لا خلاف جدوجهد دوران جيل جون سختيون برداشت ڪيون. اڳواڻن چيو ته هن وقت ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا مڙهيل آهي ۽ پرامن احتجاج ڪرڻ به ڏوهه بڻايو ويو آهي. پيڪا ايڪٽ ذريعي ميڊيا جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. سنڌ جي ورهاڱي خلاف سياسي پارٽين جا ڪارڪن احتجاج ڪن ٿا ته پوليس کين گرفتار ڪري ٿي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي عالمي دهشتگردن کي  سنڌ جي ورهاڱي ۽ نون انتظامي يونٽن جي حق ۾ جلسا ۽ ريليون ڪڍڻ جي اجازت آھي. ايم ڪيو ايم کي هٿيار کڻي دهشتگردي جي مهم هلائڻ جي به ڇوٽ مليل آهي.اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي طرفان سنڌو درياهه جو سودو ڪرڻ سبب سنڌ هن وقت پاڻيءَ جي سنگين کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، ان باوجود پنجاب جي ٻوڏن وارن ڪينالن جا منهن کليل آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ٽي پي لنڪ ڪئنال، سي جي لنڪ ڪئنال، جلالپور ڪئنال سميت سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻندڙ سمورن ڌاڙيلن واهن ۽ ڪئنالن کي فوري طور ختم ڪيو وڃي ۽ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي بنا ڪنهن ڪٽوتيءَ جي فراهم ڪيو وڃي. سنڌ جي لکين هارين ۽ ننڍن آبادگارن کي ديوار سان لڳايو ويو آهي. ڪڻڪ، سارين، ڪمند ۽ ٻين فصلن جا مناسب اگهه هارين کي نٿا ڏنا وڃن، جڏهن ته سرمائيدار ڪمپنين جي ڀاڻ، ٻج، زرعي دوائن ۽ زرعي مشينري جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. روزانو تيل جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ سبب مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي، جنهن ڪري هارين، پورهيتن ۽ مسڪين مزدورن لاءِ زندگي گذارڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ”اٽي، لٽي ۽ اجهي“ جو نعرو ڏئي ملڪ جي ماڻهن سان دوکو ڪيو، فراڊ ڪيو. سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون زرعي انقلاب جي نالي تي ڪارپوريٽ فارمنگ ڪندڙ ڪمپنين کي ڏيڻ جا فيصلا ڪيا ويا آهن. هنن چيو  ته  سنڌ ۾ بدامني ۽ لاقانونيت جو راڄ آھي. عوام جو جان ۽ مال محفوظ ڪونھي. جلسي عام کي مرڪ منان، ساگر مشتاق، تانيا منان، مجيب چانڊيو، سجاد گل، صلاحُ چانڊيو ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو

You might also like