سينيٽ ڪميٽي جو سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ 2026 جي نتيجن ۽ امتحاني عمل جي جاچ جو حڪم

ڪراچي/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي قومي صحت بابت قائم اسٽينڊنگ ڪميٽي سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ 2026 جي نتيجن ۽ امتحاني عمل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
ڪميٽي جي چيئرمين سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ايم ڊي ڪيٽ جي نتيجن بابت شاگردن ۽ والدين جي شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي.
اسٽينڊنگ ڪميٽي صحت واري وزارت کي ايم ڊي ڪيٽ 2026 جي نتيجن ۽ امتحان جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
خط موجب، صحت واري وزارت، پي ايم ڊي سي ۽ سنڌ حڪومت سان گڏجي فوري طور بااختيار ۽ آزاد انڪوائري ڪميٽي جوڙڻ لاءِ چيو ويو آهي.
انڪوائري ڪميٽي سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ جي امتحاني مرڪزن ۽ نتيجن جي تياري جي عمل جو جامع جائزو وٺندي.

You might also like