پاڪستان ۾ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز لاءِ انگلينڊ جي 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان، اهم رنديگرن کي آرام

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ پاڪستان ۾ ٿيندڙ ون ڊي ٽرائي سيريز لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
جوفرا آرچر کي مصروف سيزن کانپوءِ ورڪ لوڊ مئنيجمينٽ تحت آرام ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سينيئر بيٽر جوز بٽلر انجري سبب اسڪواڊ جو حصو نه آهي.
اسڪواڊ ۾ مَيسن ڪرين، هينري ڪروڪومب ۽ جيمز ڪولز کي پهريون ڀيرو شامل ڪيو ويو آهي.
ليگ اسپنر عادل رشيد جي هٿ جي انجري مان ڇوٽڪاري کانپوءِ واپسي ٿي آهي، جڏهن ته سام ڪُرن به انجري مان صحتيابي کانپوءِ اسڪواڊ ۾ شامل ٿي ويو آهي.
مَيسن ڪرين جي اٺن سالن کانپوءِ انگلش ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي، هن آخري ڀيرو 2018ع ۾ آسٽريليا خلاف سڊني ۾ پنجين ايشز ٽيسٽ ۾ انگلينڊ جي نمائندگي ڪئي هئي، جڏهن ته هو ٻه ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون پڻ کيڏي چڪو آهي.
انگلينڊ جي سليڪٽر مارڪس نارٿ موجب، پاڪستان ۾ ٽه ملڪي سيريز مختلف حالتن ۾ مضبوط حريفن خلاف ون ڊي اسڪواڊ کي آزمائڻ جو اهم موقعو آهي.
هيري بروڪ ٽرائي سيريز ۾ انگلينڊ جي قيادت ڪندو.
سيريز جون ميچون راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏيون وينديون، جڏهن ته فائنل 31 آڪٽوبر تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.
انگلينڊ جي اسڪواڊ ۾ هيري بروڪ (ڪپتان)، جو روٽ، بين ڊڪٽ، ٽام بينٽن، جارڊن ڪاڪس، مَيسن ڪرين، هينري ڪروڪومب، سام ڪُرن، جيمز ڪولز، ليام ڊاسن، وِل جيڪس، گِس ايٽڪنسن، سوني بيڪر، جيمي اوورٽن، عادل رشيد ۽ جوش ٽُنگ شامل آهن.

You might also like