ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪارا نازش جهانگير جو چوڻ آهي ته ضروري ناهي ته سڀئي ماٽيليون مايون خراب هجن، منهنجي ماٽيلي ماءُ تمام سٺي آهي.
تازو هڪ انٽرويو دوران اداڪارا پنهنجي ماٽيلي ماءُ ۽ ان سان لاڳاپن بابت کلي ڳالهائيندي ٻڌايو ته منهنجي حقيقي زندگي ۾ به هڪ ماٽيلي ماءُ آهي.
اداڪارا چيو ته ضروري ناهي ته سڀئي ماٽيليون مائرون خراب هجن، سماج ۾ ماٽيلي ماءُ بابت ڪيترائي قصا ۽ تصور ٺاهيا ويا آهن.
نازش موجب، سندس ماءُ جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس والد ٻي شادي ڪئي. سندس ماٽيلي ماءُ سڄي خاندان جو تمام سٺي نموني خيال رکي ٿي ۽ سندس والد جي به سار سنڀال ڪري ٿي، تنهنڪري هوءَ اهو نٿي چئي سگهي ته ماٽيليون مائرون خراب هونديون آهن.
نازش جهانگير جو چوڻ آهي ته شروعات ۾ کيس ان رشتي کي قبول ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳو، پر سندس ماٽيلي ماءُ پنهنجي رويي سان کيس يقين ڏياريو ۽ سندس دل ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي.
اداڪارا ٻڌايو ته هڪ ڊرامي ۾ ماٽيلي ماءُ جو ڪردار ادا ڪندي کيس پنهنجي حقيقي زندگي سان به هڪجهڙائي محسوس ٿي. هوءَ پنهنجي ماٽيلي ماءُ کي فون ڪري چوندي هئي ته هاڻي مون کي احساس ٿئي ٿو ته اوهان ڪهڙين حالتن مان گذريا هوندا.