لنڊن ۾ پاڪستاني فٽبال جو جهنڊو بلند، مريم محمود ۽ ليليٰ بنارس اهم ايوارڊ کٽي ورتا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فٽبالرز مريم محمود ۽ ليليٰ بنارس لنڊن ۾ ٿيل ايشيئن فٽبال ايوارڊز ۾ اهم اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتا.
مريم محمود کي وومينز پليئر آف دي ايئر جڏهن ته ليليٰ بنارس کي وومينز ينگ پليئر جو ايوارڊ ڏنو ويو.
ايوارڊز جي ڇهين تقريب ۾ برطانيا ۾ فٽبال جي شعبي ۾ برٽش سائوٿ ايشيئن ڪميونٽي لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ ماڻهن ۽ ادارن کي پڻ اعزاز ڏنا ويا.
فارورڊ مريم محمود انگلش ڪلب ريڪسهم جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ گذريل سال انڊونيشيا ۾ اي ايف سي وومينز ايشيئن ڪپ ڪواليفائرز دوران پاڪستان طرفان ڊيبيو ڪيو هو, هوءَ پاڪستاني ٽيم ۾ شامل برطانوي ڄائي رانديگرياڻي آهي.
ليليٰ بنارس مڊفيلڊر طور ليوس ڪلب لاءِ کيڏي ٿي، هوءَ 2006ع ۾ برمنگهم ۾ پيدا ٿي، جڏهن ته سندس والد پاڪستاني آهي.
ٻئي پاسي پاڪستاني ڄائي زيدان اقبال مينز پليئر آف دي ايئر جو ايوارڊ حاصل ڪيو.
هن 2021ع ۾ مانچسٽر يونائيٽيڊ طرفان ينگ بوائز خلاف چيمپئنز ليگ ميچ ۾ متبادل رانديگر طور ميدان ۾ لهي تاريخ رقم ڪئي هئي.
زيدان اقبال هاڻي ڊنڊي يونائيٽيڊ جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ 2026ع جي ورلڊ ڪپ ۾ عراق طرفان پڻ کيڏي چڪو آهي.

You might also like