پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شاندانه گلزار چيو آهي ته گورنر راڄ پهريان بلوچستان ۾ لڳايو وڃي، جتي حڪومت جي 80 سيڪڙو رِٽ ختم ٿي چڪي آهي.
پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاندانه گلزار چيو ته اسان کي گورنر راڄ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، پهريان گورنر راڄ بلوچستان ۾ لڳايو وڃي، جتي حڪومت جي 80 سيڪڙو رِٽ ختم ٿي چڪي آهي.
هن چيو ته منهنجي تڪ ۾ روزاني جي بنياد تي دهشتگردي ٿي رهي آهي، ڇا وفاقي گهرو وزير ڪڏهن انهن علائقن ۾ ويو آهي؟ پوليس لائنز ڌماڪي جي جاچ اڄ تائين منظرِعام تي ناهي آئي.
شاندانه گلزار جو چوڻ هو ته ملڪ جي معاشي حالت خراب آهي، مهانگائي عروج تي آهي، فارم 47 وارا آئين جا بکيا اُڊيڙي رهيا آهن، اسان محاذ آرائي نٿا چاهيون، فوج ۽ پوليس اسان جون آهن، اسان ڪتابن وارا ماڻهو آهيون، جهازن وارا نه.
هن وڌيڪ چيو ته اسلام آباد کي ڪنٽينرستان بڻايو ويو آهي، پر اسان 4 آڪٽوبر تي وڏي وزير ۽ جنيد اڪبر سان گڏ پوري طاقت سان نڪرنداسين، اسان آئين کان نه کاٻي پاسي وينداسين ۽ نه ساڄي پاسي.
Prev Post
You might also like