عراق (ويب ڊيسڪ) ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين جاري رهندڙ جنگ کانپوءِ آمريڪي فوج عراق ۾ پنهنجو مشن ختم ڪري واپس رواني ٿي وئي.
آمريڪي فوج جي واپسي کانپوءِ عراق ۾ سيڪيورٽي خال پيدا ٿيڻ جا خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن.
ماهرن موجب، ان صورتحال سان ايران جي حمايت يافته مليشيا کي هٿي ۽ داعش کي ٻيهر منظم ٿيڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو.
آمريڪي فوج 2011ع ۾ عراق مان واپس وئي هئي، پر 2014ع ۾ داعش طرفان ملڪ جي وڏي حصي تي قبضي کانپوءِ ٻيهر واپس آئي هئي.
رپورٽن موجب، عراق جنگ ۾ ساڍا 4 هزار کان وڌيڪ آمريڪي فوجي مارجي ويا، جڏهن ته عراق باڊي ڪائونٽ منصوبي موجب جنگ دوران 2 لک کان وڌيڪ عراقي شهري پڻ ماريا ويا.
You might also like