ملير (ويب ڊيسڪ) پورٽ قاسم واري علائقي ويجهو 15 کان 20 هٿياربندن خانگي ڪمپني جي ڀت ٽپي اندر داخل ٿي ڊيوٽي تي موجود ٻن پوليس اهلڪارن ۽ سيڪيورٽي گارڊن کي يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا.
ميڊيا رپورٽن موجب، هٿياربندن پوليس اهلڪارن ۽ سيڪيورٽي گارڊن کي رسن سان ٻڌي سرڪاري ۽ ذاتي هٿيار، ميگزين، گوليون ۽ موبائل فون ڦر ڪيا، هڪ گارڊ پنهنجا هٿ کولڻ کانپوءِ ٻين ساٿين کي به آزاد ڪيو.
پوليس موجب، ڪارخاني ۾ چيني شهري به ڪم ڪن ٿا، جن جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا هئا. واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان شاهديون ۽ ٻيا ثبوت گڏ ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پڻ ڪوششون جاري آهن.
پورٽ قاسم ڀرسان هٿياربندن جي وڏي واردات، پوليس اهلڪارن ۽ گارڊن کي يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪري فرار
You might also like