اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ امڪاني گورنر راڄ يا ايمرجنسي لڳائڻ بابت سياسي ۽ آئيني سطح تي صلاح مشورا جاري آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان فيصلي لاءِ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾ ملاقات جو امڪان آهي، جيڪا اڄ رات يا سڀاڻي صبح ٿي سگهي ٿي.
ذريعن موجب، وفاقي سطح تي ڪي پي جي صورتحال بابت مختلف آپشنز تي غور ڪيو پيو وڃي، سڌ سماءُ واري وزير عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته هن وقت گورنر راڄ يا ايمرجنسي بابت ڳالهائڻ وقت کان اڳ هوندو.
وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُالله پڻ چيو آهي ته ڪي پي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي گورنر راڄ، ايمرجنسي ۽ سياسي ڳالهين سميت مختلف آپشنز غور هيٺ آهن، جڏهن ته حتمي فيصلو اڃا ناهي ٿيو.
ڪي پي ۾ گورنر راڄ يا ايمرجنسي؟ صلاح مشورا جاري، حتمي فيصلي لاءِ صدر ۽ وزيراعظم ۾ ملاقات جو امڪان
You might also like