”منهنجي ماٽيلي ماءُ ڏاڍي ڀلي آهي“ سماج ۾ ماٽيلي مائرن بابت بُريون ڪهاڻيون ۽ تصور گهڙيا ويا آهن: نازش جهانگير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا نازش جهانگير جو چوڻ آهي ته ضروري ناهي ته سڀئي ويڳيون مائرون خراب هجن، منهنجي ماٽيلي ماءُ تمام گهڻي سٺي آهي.
هڪ انٽرويو دوران اداڪارا پنهنجي ماٽيلي ماءُ ۽ ان سان تعلق بابت کلي ڳالهائيندي ٻڌايو ته سندس حقيقي زندگي ۾ به هڪ ويڳي ماءُ آهي.
نازش جهانگير چيو ته ضروري ناهي ته سڀئي ويڳيون مائرون خراب هجن، سماج ۾ ماٽيلي ماءُ بابت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ تصور گهڙيا ويا آهن.
اداڪارا موجب، ماءُ جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس والد ٻي شادي ڪئي. سندس ماٽيلي ماءُ سڄي ڪهول جي سٺي نموني پرگهور لهي ٿي ۽ والد جي به سنڀال ڪري ٿي، تنهن ڪري هوءَ اهو نٿي چئي سگهي ته ويڳيون مائرون خراب هونديون آهن.
نازش جهانگير جو چوڻ آهي ته شروع ۾ کيس ان رشتي کي قبول ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳو، پر سندس ماٽيلي ماءُ پنهنجي رويي سان کيس يقين ڏياريو ۽ سندس دل ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي.
اداڪارا موجب، هڪ ڊرامي ۾ ماٽيلي ماءُ جو ڪردار ادا ڪندي کيس پنهنجي حقيقي زندگي سان به هڪجهڙائي محسوس ٿي. هوءَ پنهنجي ويڳي ماءُ کي فون ڪري چوندي هئي ته هاڻي مون کي احساس ٿئي ٿو ته توهان ڪهڙين حالتن مان گذريون هونديون.

You might also like